تعليم الاسلام

تعليم الاسلام (رسالو ):شڪارپور مان هيءُ مذهبي رسالو مولوي عبدالفتاح کوسي جي ايڊيٽريءَ ۾ مارچ 1936ع کان نڪرڻ شروع ٿيو. هن رسالي ۾ قرآن مجيد، حديثن ۽ صالحن جي تعليم تي مبني مواد ڏنو ويندو هو. هن رسالي ۾ شرعي مسئلن جون فتوائون ۽ اسلامي تاريخ مان سبق به ڏنا ويندا هئا؛ غير شرعي رسمن کي ننديو ويندو هو. هيءُ رسالو ڪرشنا پرنٽنگ ۽ ليٿو ورڪس، ليوڪس پارڪ، سکر ۽ شيام آفسيٽ ليٿو ورڪس، ڪراچيءَ ۾ ڇاپيو ويندو هو .


لفظ تعليم الاسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو